ڀائي گُگر

ڀائي گُگرGuggul (Camiphora Mukul):وڻ جو ھڪ قسم، جيڪو گگر وڻ جي ھڪ جنس آهي، جنھن جي ڪاٺي خوشبودار ٿيندي آھي، ان جي ڦر کي ”گھوگھيٽا“ سڏيندا آھن، جيڪي چڻن جيڏا ٿيندا آھن، اھي پھرين ساوا، پر پچڻ کان پوءِ ڳاڙھا ٿيندا آھن، انھن جو ٻج ڪارو ٿيندو آهي. وڻ جا ڪچا پن توڙي گھوگھيٽا ڏٿ طور کائبا آھن. ھن وڻ جي ڪاٺيءَ جا ڳترا مٺا ٿين ٿا ۽ چوسبا آھن، هن جي ڪاٺيءَ جي دونھين سان چاڏي يا ماٽيءَ کي واسبو آھي ته جيئن ڏڌ ۾ خوشبوءِ ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو